انجيل
انجيل اصل ۾ يوناني لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”خوشخبري“. اصطلاحاً وحي يا پيغام رباني، جيڪو حضرت عيسيٰ عليه السلام کيبني -اسرائيل- جي هدايت لاءِ ڏنو ويو. هن وقت چئن مختلف ڪتابن کي -انجيل- چيو وڃي ٿو. جيڪي گهڻو ڪري حضرت عيسيٰ جي سوانح آهن، مگر انهن ۾ به جابجا حضرت عيسيٰ جي تعليمات ۽ معجزن جو ذڪر اچي وڃي ٿو. انهن مان پهرين -ٽن- ڪتابن: متي، مرقس ۽لوقا جي انجيلن کي ”اناجيل متفقه“ قرار ڏنو ويو آهي، ڇوته انهن جو مطلب ملندڙ جلندڙ آهي. چوٿون يوحنا جو -انجيل- الڳ آهي. انهن چئني کان علاوه حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ايڪيهن حوارين جي تبليغي سرگرمين جي روئداد (اعمال) سندن ايڪيهن خطن ۽ مڪاشفه يوحنا عارف جي مجموعي کي ’عهدنامه جديد‘ چوندا آهن، ۽ اهو عيسائين جو -آسماني ڪتاب- مڃيو وڃي ٿو. انهن چئني ڪتابن کان سواءِ حضرت عيسيٰ جي تعليمات متعلق ڪئين ٻيا ڪتاب به مرتب ٿيا هئا، ليڪن اهي رد ڪيا ويا. عيسائين وٽ ”عهدنامو قديم“ ۽ ”عهدنامو جديد“ ٻئي مقدس آهن. حضرت عيسيٰ تي جيڪو ڪتاب (-انجيل-) نازل ٿيو هو، اهو ته هڪڙوئي هو، پر -انجيل- جي نالي سان جيڪي ڪتاب بعد ۾ لکيا ويا، انهن جو تعداد لڳ ڀڳ 80 آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام کان تقريباً چار سؤ سال پوءِ اختلافن کان -تنگ- ٿي، فقط پنجن انجيلن کي صحيح مڃيو ويو، -جن- مان چار اهي ئي آهن، جيڪي هن وقت عهدنامي جديد ۾ شامل آهن: (1) متيءَ جو -انجيل-، (2)مرقس جو -انجيل-، (3) لوقا جو -انجيل- ۽ (4) يوحنا جو -انجيل-. انهن ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام جا حالات زندگي ۽ احڪام گڏ ڪيل آهن، -جن- کي مذهبي، رسوماتي ۽ قانوني حيثيت حاصل آهي. پنجين -انجيل- کي ’پطرس‘ سان منسوب ڪندا آهن، جنهن ۾ حضرتمريم جي زباني حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ننڍپڻ جا حالات بيان ڪيل آهن. حضرت عيسيٰ عليه السلام جي مقرب -ترين- دوست برناباس جي -تصنيف- ڪيل -انجيل- ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام کي هڪ برگزيده -انسان- ۽ -الله- جي رسول جي حيثيت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن ۾ آخري رسول جي حيثيت سان حضرت محمد صلي -الله- عليه وسلم جي مبعوث ٿيڻ جي خبر ڏني وئي هئي، جنهن جا -بني اسرائيل- منتظر هئا. حضرت عيسيٰ عليه السلام جي زباني چيو ويو آهي ته ”آءٌ مسيح نه آهيان، بلڪه مسيح مون کان پوءِ اچڻ وارو آهي.“ خود چئن انجيلن ۾ لفظي، معنوي ۽ واقعاتي اختلاف به موجود آهن.[1]حضرت عيسيٰ تي نازل ٿيل الهامي ڪتاب ، جنهن کي ’نئون عهدنامو‘ به چئبو آهي. سنڌ ۾ ٽالپرن جي زماني ۾ انجيل جي ڪجھھ حصن جو ترجمو ديوناگري رسم الخط ۾ ڪيو ويو. انگريزن جي زماني کان اڳ ميٿيوس جي لکيل نسخي وارو انجيل، جنھن کي 1825ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ ساڳئي ڪتاب کي 1850ع ۾ ديوناگري رسم الخط ۾ ڇپرايو ويو. سال 1852ع ۾ جان جو لکيل انجيل وارو نسخو، جنھن کي برنس ترجمو ڪيو ھو، ان کي عربي–سنڌي رسم الخط ۾ڇپرايو ويو ۽ ساڳي ڪتاب کي گرمکي رسم الخط ۾ به شايع ڪيو ويو. جان جي لکيل نسخي کي بائيبل ايگزيلري سوسائٽي بمبئي شايع ڪيو ھو. [2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ انجيل : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽيسانچو:Http://sl.sindhila.org/sd