مواد ڏانھن هلو

انساني حق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سماج ۾ هر انسان جا ڪُجهه حق ۽ ڪُجهه آزاديون هُجن ٿيون، جيڪي کيس ڄائي ڄم کان ملن ٿيون. ان حوالي سان هر مُلڪ جي آئين ۾، اُتان جي رهواسين کي ڪجهه بنيادي حق حاصل آهن، جن ۾ انسان جا اهڙا فطري حق به شامل آهن، جيڪي ان کان ڪڏهن به قانون يا دستور ذريعي کسي نه ٿا سگهجن. اهي حق سڀ کان پهريائين 1789ع فرانسيسي انقلاب کان پوءِ جوڙيل French Declaration Of Rights ۾ شامل ڪيا ويا. جنهن مطابق برابري، آزادي، ملڪيت، سلامتي، جان جي حفاظت ۽ ڏاڍائيءَ کي روڪڻ جي حقن کي انسان جا ”بنيادي حق“ قرار ڏنو ويو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ٿيل انساني حقن جي لتاڙ کي نظر ۾ رکندي، اقوام متحده 10 ڊسمبر 1948ع ۾ ”انساني حقن وارو عالمي پڌرنامو“ پيش ڪيو، جنهن ۾ انساني حقن جو ذڪر تفصيل سان ٿيل آهي. ان حوالي سان هر سال 10 ڊسمبر تي دُنيا ۾ بُنيادي انساني حقن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي.[1]

انساني حقن (Human Rights) کي ”بنيادي حَقَ“ به چيو ويندو آهي. انهن حقن کانسواءِ نه ته ڪو ماڻهو آزاد زندگي گذاري سگهي ٿو، ۽ نه ئي ڪو ملڪ جمهوري سڏائي سگهي ٿو. پاڪستان جي 1973ع واري لاڳو آئين ۾ بنيادي انساني حقن جي فهرست ڏني وئي آهي ۽ ان سان گڏ اهو به واضح ڪيل آهي ته ڪو به اهڙو قانون، جيڪو انهن بنيادي حقن سان ٽڪرائبو، اهو ختم ٿي ويندو. آئين ۾ ذڪر ڪيل بنيادي حق هيٺيان آهن:

زندگيءَ ۽ آزاديءَ جو حق، گرفتاري ۽ ناحق نظربنديءَ کان تحفظ جو حق (ڪجهه شرطن سان)، غلاميءَ ۽ بيگار جي جهل، ٻِٽي سزا کان بچاءُ (يعني ڪنهن به هڪ ڏوهيءَ کي هڪ ڏوهه تي ٻه دفعا سزا نه ڏني ويندي)، ذاتي عزت جو تحفظ، لڏپلاڻ ۽ رهائش جي آزادي، اجتماع جو حق، انجمن ٺاهڻ جو حق، سياسي پارٽي ٺاهڻ يا ان ۾ شامل ٿيڻ جو حق (ان شرط سان ته شهري سرڪاري ملازمت ۾ نه هوندو)، ڪاروبار، واپار ۽ گذر سفر جو حق، تحرير ۽ تقرير جي آزادي، پنهنجي مذهب تي عمل جو حق، تعليمي ادارن ۾ مذهبي تحفظ، مذهبي ٽئڪس کان تحفظ، حق جائداد يا ملڪيتي حقن جو تحفظ، شهريت ۾ برابري، عوامي جاين (مذهبي جاين کان سواءِ) تائين پهچڻ/گهمڻ جو حق، ملازمت جو حق ۽ ٻوليءَ ۽ -ثقافت- جو حق وغيره. اهي سمورا حق گڏيل قومن جي انساني حقن واري چارٽر موجب شهرين کي ملڻا آهن.[2]

شهري حقَ (Civil Rights) اهي انهن حقن کي چئبو آهي جن کي بنيادي حقن طور آئيني يا قانوني تحفظ حاصل هجي، انهن جا مکيه قسم آهن. انساني حق ۽ سياسي حق، اهي حق صحتمند ۽ آزاد سماج لاءِ ضروري آهن. پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي آئين 8 کان 28 تائين ۾ هي حق موجود آهن. سول رائيٽس جي نالي سان آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڪينيڊي سينيٽ ۾ 1964ع ۾ هڪ دستاويز پيش ڪيو، جنهن تحت وجود ۾ آيو.[3]

حوالا

[سنواريو]