تيشخ
تيشخ Taoiseach | |
---|---|
[[Image:|120px]] | |
تعظيمي لقبَ | تيشخ |
رهائش | اسٽورڊس لاج |
تجويز ڪندڙ | دائل ائيرن |
مقرر ڪندڙ | آئرلينڊ جو صدر |
شروعات | ايمن ڊي وليرا |
تشڪيل | 29 ڊسمبر 1937 |
نائب | تانشت |
پگهار | €207,590 سالياني[1] |
ويب سائيٽ | www |
تيشخ (انگريزي: Taoiseach)i/ˈtiːʃəx/ TEE-shəkh)[2] ريپبلڪ آف آئرلينڊ جي آئين مطابق اتان جي وزيراعظم يا حڪومتي سربراھ کي سڏيندا آهن.[note 1] تيشخ جي مقرري آئرلينڊ جو صدر ملڪ جي پارليامينٽ يعني اريڪتاس جي ھيٺين ايوان دائل ائيرن جي نامزدگي مطابق ڪندو آهي ۽ ان کي پنھنجو عھدو سنڀالڻ کان اڳ لازمي طور تي دائل ائيرن مان اڪثريت سان اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو آهي. ملڪ جي وزيراعظم لاء ان لفظ جو استعمال جي شروعات سال 1937ع واري آئين سان ٿي. تيشخ آئرش ٻولي جو لفظ آهي جنھن جي معنيَ آهي وڏو يا اڳواڻ آھي. 27 جون 2020ع کان آئرلينڊ جو تيشخ ميخال مارٽن آھي جنھن جي حڪومت مخلوط آھي جنھن م فائينا فئل، فائين گئل ۽ گرين پارٽي، آئرلينڊ شامل آهن.[3]
سال 1937ع جي آئرلينڊ جي آئين جي نفاذ کان اڳ ھن عھدي جو نالو "اگزيڪيوٽو ڪائونسل جو صدر" ھيو جنھن عھدي تي آخري صدر ۽ نئين آئين تحت پھريون تيشخ ايمن ڊي وليرا ھيو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Salaries, Houses of the Oireachtas". Oireachtas. حاصل ڪيل 2 November 2019.
- ↑ "Taoiseach". ڊڪشنري (آڪسفورڊ ليڪسيڪو) UK Dictionary. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس. حاصل ڪيل 30 November 2013.
- ↑ "33rd Dáil elects Micheál Martin as new Taoiseach". Irish Examiner. 27 June 2020. Archived from the original on 27 June 2020. https://web.archive.org/web/20200627123616/https://www.irishexaminer.com/breakingnews/ireland/watch-micheal-martin-and-mary-lou-mcdonald-nominated-for-taoiseach-as-civil-war-politics-ends-1007831.html. Retrieved 27 June 2020.
حوالي جي چڪ: "note" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/>
نہ مليو